سوامي سکديو مهراج

سوامي سکديو مهراج: سوامي سکديو مهراج، 1787ع ۾ هالاڻيءَ جي درٻار قائم ڪئي. سندس سوين مريد هئا. ٻروچن جو گهڻو تعداد سندس معتقد هو. مير سهراب خان ٽالپر، سوامي سکديو مهراج کان ڪافي متاثر ٿيو. ان ڪري 30 ايڪڙ زمين کيس تحفي ۾ ڏنائين. سکديو سواميءَ 1828ع ۾ وصال ڪيو. وفات کان اڳ سنت سُکرام داس کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيائين.


لفظ سوامي سکديو مهراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو